حاجي قاسم باريجو

حاجي قاسم باريجو (ماڳ): ديهه ريڪ تعلقي ٿاڻي بولاخان جي ڳوٺ نبي بخش باريجي جي ڀرسان قاسم باريجي جو ڳوٺ آهي. محال ڪوهستان ۾ ڪيتريون ئي روهيون (پٿر جون اڀيون لٺيون) کتل آهن، جن تي اڃا تحقيق نه ٿي آهي، پر گمان غالب آهي ته اهي روهيون مذهبي يا جنگي نشان آهن. ڪن محققن جو به چوڻ آهي ته اهي جنگ جا نشان آهن. ڪن روهين تي رت جا نشان به ڏٺا ويا آهن. هيءَ روهي ويڪر ۾ هڪ ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 9.4 ميٽر آهي. ان جي پاسن کان ٻه ٽي کڏون به کوٽيل آهن. گمان غالب آهي ته ڪنهن زماني ۾ قربانيءَ جو رت هن روهيءَ تي هنيو ويو هوندو. اهڙيون روهيون گاجي شاهه ۽ ٻين هنڌن تي به آهن، جن کي اتي مقامي طور ’لٺيون‘ سڏيو وڃي ٿو. گاجي شاهه تي اڄ به قرباني ڪري، قربانيءَ جو رت انهيءَ لٺ تي هاريو ويندو آهي.


لفظ حاجي قاسم باريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو